شبير ڪنڀار

شبير ڪنڀار

شبير ڪنڀار

شبير ڪنڀار: ڪمپيوٽر جي دنيا ۾سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، سنڌي ٻوليءَ جي لپيءَ جي اکري نمونن (Fonts) جا مختلف نمونا متعارف ڪرڻ، سنڌو لکت (Indus Script) کي ڪمپيوٽر جي تقاضائن ۾ سانڍڻ، شاھ لطيف سميت سنڌي ٻوليءَ جي وڏن شاعرن کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ محفوظ ڪري دنيا تائين پھچائڻ جھڙين خاص خدمتن وسيلي سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ پاڻ مڃائيندڙ شبير ڪنڀار جو پورو نالو غلام شبير ولد ڀلي ڏنو ڪنڀار آهي. سندس جنم 1 جنوري 1972ع تي ڳوٺ سيراچُون ڪاڪا، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو. هن پرائيمري تعليم پنھنجي ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان 1981ع ۾، مڊل گورنمينٽ مڊل اسڪول پنجمورو ۽ نيو سعيدآباد مان، مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان 1986ع ۾ پاس ڪئي. انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان 1989ع ۾، بي. اي سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1993ع ۾ ۽ ايم. اي (سنڌي ادب) 1995ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان امتيازي حيثيت ۾ پاس ڪيائين. شبير ڪنڀار پنھنجي ذاتي لڳاءُ تحت ڪمپيوٽر ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان سواءِ استاد جي حيثيت ۾ سِکيائون به ورتيون. هن پي ٽي سي سال 1995ع ۾،پي ٽي سي سي جو امتحان سال 1996ع ۾، بي. ايڊ جي ڊگري سال 1997ع ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته ايم ايڊ جو امتحان سال 2000ع ۾ پاس ڪيو.
شبير ڪنڀار کي ڪمپيوٽر سائنس جي معلومات جو شوق هو. ڪمپيوٽر جي سکيا جي سلسلي ۾ ھن ڪنھن به خاص اداري مان ڪا باقائدي تعليم/سکيا نه ورتي پر شوق جي تڪميل لاءِ گهرجن پٽاندر آن لائين ريڊنگ وسيلي ڪمپيوٽربابت گهربل مھارتون حاصل ڪيون ۽ ان ۾ ڳڻپ لائق ڪاميابيون ماڻيون.
شبير ڪنڀار 1993ع ۾ تعليم کاتي ۾ هالا تعلقي جي ڳوٺ قاسم ٻگھيي جي پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. هي ضلعي مٽياريءَ جي تعليم کاتي ۾ ماسٽر ٽرينر طور مرد توڙي عورت استادن کي ڪمپيوٽر ۽ ان سان لاڳاپيل مضمونن ۾تربيت ڏئي چڪو آهي. هن ايسرا (ايجوڪيشن سيڪٽر ريفارم اسسٽنس)، پيس (پراوينشنل ايجوڪيشن اسيسمينٽ سينٽر)، پي آر پي (پاڪستان ريڊنگ پروجيڪٽ) وغيره ۾ پڻ سکيا ڪار جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
هن جي 2000ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽنگ سان وابستگي جُڙي، جنهن کانپوءِ هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي شروعات ڪئي. هن سنڌي ٻوليءَ جي ‘ڊجيٽلائيزيشن’ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو. ھن ‘شاهه جي رسالي’ جو الفابيٽڪ ايڊيشن تيار ڪري انٽرنيٽ تي موجود ڪيو. گڏوگڏ هن شاهه لطيف جي شاعريءَ جي زبون حال ٿي ويل اوائلي دستاويز/ رسالي ‘شاھه جو گنج’ جو ھُوبھو اليڪٽرانڪ ايڊيشن جوڙي، ان کي هميشه لاءِ دوام ڏئي ڇڏيو ۽ ھاڻي اھو ‘شاھه جو گنج’ ھر ڪنھن لاءِ ھر وقت انٽرنيٽ وسيلي ڊائونلوڊنگ توڙي آن لائين پڙھڻ لاءِ موجود آھي. شبير ڪنڀار 2010 کان ايم بي سنڌي ڪيبورڊ جو ڪم پنھنجي ذمي کنيو آھي ۽ ان جي اپڊيٽ به جاري ڪندو اچي ٿو. ان سان گڏوگڏ سمارٽ فونن تي سنڌي لکڻ لاءِ پڻ ايم بي سنڌي واري ساڳي ترتيب تي ڪيبورڊ ٺاھي چڪو آھي، جنھن جي استعمال سان تمام سولائيءَ سان ائنڊرائڊ سمارٽ فونن ۽ ٻين ڊوائسز تي سنڌي لکي سگهجي ٿي.
سنڌي ٻوليءَ جيOCR (Optical Character Recognition) واري رٿا ۾ هن فونٽ ڊيولپر طور حصو ورتو ۽ لطيفي فونٽ کي او سي آر جي هن رٿا جي تڪميل ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. هن مھين جي دڙي واري لکت جي ڀڃڻيءَ واري ڪم ۾ پنھنجو حصو ڳنڍيندي، ڊاڪٽر آسڪو پرپولا جي تحقيقات تي آڌاريل مھين جي دڙي جي لکت (Indus Script) جي 1839 لکتي نشانين/ اکرن تي مشتمل مڪمل يونيڪوڊ فونٽ تيار ڪري انٽرنيٽ تي موجود ڪيو.
هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيتريون خدمتون سرانجام ڏنيون هيون، جن ۾: 13 عدد معياري سنڌي اکري نمونا (Fonts)، 160 لگيچرز تي مشتمل پھريون سنڌي خطاطيءَ وارو فونٽ، پھريون سنڌي سنھڙو (Slim) ٽيڪسٽ ويب بيسڊ فونٽ، پھرين سنڌي فونٽ فئملي (اکري ڪُٽنب)، پھريون گهڻ ٻوليائي سنڌي فونٽ (جيڪو سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين کي هڪ ئي وقت ساڳي شڪل ۾ ڏيکارڻ جي صلاحيت رکي ٿو)، اينڊرائڊ سمارٽ ڊوائسز لاءِ ملٽيلنگ ڪيبورڊ ۾ 200 ٻولين سان گڏ ايم بي سنڌي سٽاءَ وارو ڪيبورڊ لي آئوٽ، سنڌي ٻوليءَ جي ڪمپيوٽر ۽ موبائل ڊوائسز تي انسٽاليشن، ترويج ۽ توسيع لاءِ سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ويڊيوز، تصويري ۽ ٽيڪسٽ ٽيوٽوريلس، سنڌي ٻوليءَ جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ گهربل ضرورتن پٽاندر بلاگن/ لکتن تي مشتمل آن لائين بلاگ وغيره قابل ذڪر آهن.
شبير ڪنڀار ڪيترن ئي قديمي توڙي عالمي ڪانفرنسن ۾ حصو وٺي چڪو آهي. کيس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ، اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن.


لفظ شبير ڪنڀارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.01.01  عيسوي

شبير ڪنڀار جو جنم 1 جنوري 1972ع تي ڳوٺ سيراچُون ڪاڪا، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابڙو طارق عالم
آنند رامچند گولاڻي
ڄام فتح خان
سيد ولايت شاهه
جمن دربدر
احمد رضا شاهه جيلاني
شيخ فيض الله
رضوان واسطي
لالچند امرڏنو مل جڳتياڻي
بشير مورياڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون